ڀائي خان جي چاڙهي

ڀائي خان جي چاڙھي: حيدرآباد شھر ۾ پراڻي ڪوھه نور سئنيما ۽ ھن وقت ريشم گهٽيءَ ڀرسان ڪوھ نور چونڪ وٽان اوڀر طرف چڙھندڙ چاڙھي، جيڪا ڀائي خان لوھار جي نالي پويان مشھور ٿي. ڀائي خان پٺاڻ، ڪلھوڙن جي وقت ۾ جيلر ھو ۽ هي علائقو ان وقت جيل ۾ شمار ٿيندو ھو. هيءَ چاڙهي هڪ پاسي پڪي قلعي ۽ ٻئي پاسي شاهي بازار ۾ نڪري ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو